سامونڊي طوفان نيلوفر جو زور گهٽجي ويو، سنڌ جي ساحلي پٽي جي رهواسين ۾ خوف برقرار، برسات جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عربي سمنڊ ۾ اُٿيل نيلوفر طوفان جو زور گهٽجي ويو، جڏهن ته سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ اڄ مينهن وسڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان عربي سمنڊ ۾ ئي 450 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ختم ٿي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب سامونڊي طوفان نيلوفر جي شدت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي ۽ اڄ شام تائين هوا جي گهٽ دٻاءَ ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي. هوا جي گهٽ دٻاءَ سبب ايندڙ 24 کان 36 ڪلاڪن دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي ۾ ڪٿي ڪٿي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئجي سگهي ٿي. سامونڊي طوفان ڪراچي کان ڏکڻ اولهه ۾ 490 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جا مهاڻا آچر کان معمول جون سرگرميون شروع ڪري سگهن ٿا. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي، ٺٽي، بدين، عمرڪوٽ، ٿرپاڪر، ميرپورخاص ۽ سکر ۾ مينهن پوڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف سامونڊي طوفان ۽ زوردار برساتن جي خطري سبب ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، سجاول، بدين، ٿرپارڪر ۾ تعليمي ادارا بند آهن. سامونڊي طوفان نيلوفر جو خطرو ٽــَري وڃڻ باوجود سنڌ جي ساحلي پٽيءَ جي رهواسين ۾ خوف برقرار آهي. نيلوفر طوفان سبب ساحلي پٽيءَ ۾ آباد مهاڻا راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن. جاتي تعلقي جي ساحلي پٽي جي 15 سئو ماڻهن کي زبردستي حفاظتي ڪئمپن ۾ ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. ڪئمپن ۾ ترسيل ماڻهن جو چوڻ آهي ته کين ڪا به سهولت فراهم ناهي ڪئي وئي،جنهنڪري هو سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته ڪئمپن ۾ کاڌ خوراڪ سميت سمورين سهولتن جي کوٽ آهي. جاتي تعلقي جي سامونڊي پٽيءَ واري علائقي ۾ وقفي وقفي سان مينهن وسڻ جو سلسلو به جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *