سامونڊي طوفان نيلوفر اڄ رات ڪراچي سان ٽڪرائيندو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سامونڊي طوفان نيلوفر جي انتهائي شدت برقرار آهي، ڪراچي کان 875 ڪلوميٽر مفاصلي تي موجود نيلوفر اڄ رات ڪراچي سان ٽڪرائيندو، جڏهن ته بلوچستان جي ساحلي علائقن، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص ۾ برسات ٿيندي، ملاحن کي کليل سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو آهي عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ سامونڊي طوفان نيلوفر جي انتهائي شدت برقرار آهي طوفاني لهرون ڪراچي کان ڏکڻ اوڀر ۾ 875 ڪلوميٽر ۽ گوادر جي ڏکڻ طرف 740 ڪلوميٽر فاصلي تي آهن، ايندڙ 12 ڪلاڪن دوران 12 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اتر طرف وڌي رهيو آهي، ان کانپوءِ طوفان جو رخ اتر اولهه طرف سنڌ جي ساحلي علائقن ۽ ڀارتي گجرات طرف وڌڻ جو امڪان آهي طوفان سبب ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص ڊويزن ۾ اڪثر علائقن ۾ برسات ٿي سگهي ٿي بلوچستان جي علائقي قلات ۽ مڪران ۾ به برسات جو امڪان آهن، موسميات کاتي مطابق برسات جو سلسلو پهرين نومبرتائين جاري رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *