سال اڳ قتل ڪيل قادر بخش ۽ شهناز مگسي جي قاتلن ۽ ملڪيت تي قبضي خلاف عورتن جو احتجاج

ڏوڪري(رپورٽر)سال اڳ قتل ڪيل ڀيڻ ڀاءُ قادر بخش ۽ شهناز مگسي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سندن ملڪيت تي قبضي خلاف پيرسن امڙ الهه بچائي مگسي جي اڳواڻي ۾ وارث عورتن جو لاڙڪاڻو موهن جو دڙو روڊ تي ٽائر ساڙي هٿن ۾ ڪلام پاڪ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب لاڙڪاڻو، باڊهه، باقراڻي، خيرپور ۽ موهن جو دڙوايندڙ ويندڙ ٽريفڪ 1 ڪلاڪ تائين بند ٿي وئي. ان موقعي تي هٿن ۾ ڪلام پاڪ کڻي مقتول قادر بخش ۽ شهناز مگسي جي پيرسن امڙ الهه بچائي مگسي دانهيندي چيو ته سازش تحت سندس پٽ قادر بخش ۽ ڌي شهناز کي قتل ڪرڻ بعد سندن ننهن کي به گهٽا ڏئي قتل ڪري ساڻن ظلم ڪيو ويو. هن الزام مڙهيندي چيو ته سندن مائٽ منظور مگسي سندس اولاد کي قتل ڪرائي سندس ڪروڙين روپين جي ملڪيت تي قبضو ڪري کيس ۽ سندس پوٽن کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي. هنن ڏوڪري پوليس تي ڌر هئڻ جو الزام مڙهيندي چيو ته ڏوڪري پوليس جوابدارن کان لکين روپيا رشوت وٺي سندن خون لوڙهي ملڪيتن تي قبضا ڪرائي رهي آهي. هنن وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته سندس پٽ قادر بخش، شهناز بيگم ۽ ننهن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف مهيا ڪيو وڃي. ٻئي طرف ايئر پورٽ پوليس جوابدار گرفتار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *