سازگار پاليسين سبب صوبي ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري وڌي آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ روينيو بورڊ پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي جامع حڪمت جوڙي، بورڊ جي جون 2015 تائين 49.37 بيلن رپيا ٽيڪس جمع ڪرائڻ تي ان جي ڪارڪردگي ۽ پيشواراڻي صلاحيت کي ساراهيو آهي ۽ انتظاميه کي چيو آهي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ڪندي جامع حڪمت عملي جوڙي ته جئين مالي سال 2017 تائين هڪ سئو ارب رپين جي سالياني رڪوري جو حدف پورو ڪري سگهي، ايس آر بي جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ تي تبصرور ڪندي وڏي وزير چيو ته ورلڊ بينڪ جي مشاورت سان ايس آر بي کي جديد نموني قائم ڪيو آهي، هن چيو ته کيس اميد آهي ته ايس آر بي نه صرف هي سال 2017 لاءِ پنهنجا مقرر حدف حاصل ڪري وٺندي پر مقرر حدف کان وڌيڪ رڪوري ڪري ڏيکاريندي، هن چيو ته هي سندس حڪومت جي گوڊ گورننس سبب آهي، سنڌ حڪومت جا سمورا ادارا بهتر نموني خدمتون ادا ڪري رهيا آهن، اسان هڪ سئو 26 بلين جا فنڊ جاري ڪيا ۽ گذريل مالي سال جي ترقياتي مد جا خرچ 118 بلين کان وڌيڪ هئا،هن چيو ته سنڌ صوبي ۾ ڪيتريون ترقياتي اسڪميون شروع ڪيون ويون آهن، سيڙپڪاري جي حوالي سان سازگار پاليسين سبب صوبي ۾ ملڪي ۽ بين الاقوامي سيڙپڪاري وڌي آهي، هن چيو ته صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن جن مان دنيا جون سيڙپڪار ڪمپنيون ڀرپور نموني سان فائدو وٺي رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *