سارا علي خان جسماني وزن ۾ گهٽتائي جو راز ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سارا علي خان جسماني وزن ۾ ڊرامائي گهٽتائي آڻڻ ۽ فٽ رهڻ جو راز پنهنجي ارادي طاقت کي قرار ڏنو آهي. /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 34

هڪ رسالي کي ڏنل انٽرويو ۾ سارا علي خان ٻڌايو ته هڪ وقت هو جڏهن سندس وزن 96 ڪلوگرام تائين پهچي ويو هو، جنهن تي هن جسماني وزن ۾ گهٽتائي آڻڻ جو فيصلو ڪيو.هن ٻڌايو ته اهو ان وقت ٿيو جڏهن مان نيويارڪ ۾ هيس، منهنجو وزن 96 ڪلوگرام تائين پهچي ويو هو جڏهن ته منهنجي گريجوئيشن ۾ هڪ سال رهجي ويو هو.هن ان تبديلي جو راز ٻڌائيندي چيو ته مون پيزا ڇڏي سلاد کائڻ شروع ڪئي جڏهن ته سستي جي جاءِ تي جسماني سرگرمين کي اختيار ڪري پنهنجي فٽنيس جي سفر جي شروعات ڪئي، مان نيويارڪ ۾ صحت بخش کاڌي جي چونڊ ڪندي ورزش ڪرڻ شروع ڪئي.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان شهر ۾ ڪيترن ئي طرح جا ڪلاس هئا جهڙوڪ باڪسنگ کان وٺي سائيڪلنگ، پر جيتوڻيڪ منهنجو وزن تمام گهڻو هو ته مون عام ورزشون جهڙوڪ هلڻ، ٽريڊ مل ۽ سائيڪل هلائڻ کي ترجيح ڏني، جنهن سان منهنجو وزن گهٽ ٿيو ۽ پوءِ وڌيڪ سخت ورزشون اختيار ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *