سائنس فڪشن فلم“اسٽاروارز، دي فورس اويڪنز” آمريڪا جي ڪامياب ترين فلم بڻجي وئي

نيويارڪ (شوبز نيوز) هالي ووڊ سائنس فڪشن فلم“اسٽاروارز، دي فورس اويڪنز” اتر آمريڪا ۾ هن وقت تائين ڪامياب ترين فلم بڻجي وئي آهي. ڄاڻايل فلم ڪمائي جي لحاظ کان نه رڳو “اوتار” جو رڪارڊ ڀڳو آهي پر برطانيا جي 2015ع جي سڀ کان مشهور فلم جو درجو به ماڻڻ ۾ ڪامياب وئي آهي.آمريڪا جي ڊزني اسٽوڊيو جو چوڻ آهي ته ڪمائي جي لحاظ کان 75 ڪروڙ 5 لک ڊالر جو ڪاروبار ڪندي فلم “اوتار” کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي.ياد هجي ته گذريل مهيني “اسٽاروارز، دي فورس اويڪنز” عالمي باڪس آفيس تي گهٽ وقت ۾ هڪ ارب ڊالر ڪمائيندڙ فلم بڻجي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *