سائبر ڪرائم بل ڏيکاري مون کي ڊيڄارڻ جا خواب ڏٺا پيا وڃن: عمران خان

لاهور (اين اين آءِ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته جمهوريت کي نقصان پهچائڻ ۽ شريف خاندان جي بادشاهت قائم ڪرڻ جي هر ڪوشش جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ ان لاءِ حڪومت جي ڪنهن ڌمڪي کان نه ڊڄنداسين، سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مخالف سياسي پارٽين کي قانون جي غلط استعمال ذريعي ڊيڄاري، ڌمڪائي نواز شريف جي بادشاهت قائم ڪرڻ جي ن ليگ جي سخت مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته ن ليگ ڌانڌلي جي خلاف اسان جي ڌرڻي دوران به دهشتگردي خاتمي واري ايڪٽ جو غلط استعمال ڪيو ۽ اسان جي خلاف ڪيسن ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا، هاڻ مون کي سائبر ڪرائيم بل ذريعي ڌمڪايو پيو وڃي، عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ آزاد ميڊيا متحرڪ سول سوسائٽي ۽ عوام جي بنيادي آئيني حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *