زيارت ريزيڊينسي ۾ صدر قومي جهنڊو ڦڙڪايو، پشاور سانحي قوم جي روح تي گهرو زخم رسايو آهي: ممنون حسين

زيارت(م.د) صدر ممنون حسين جو چوڻ آهي ته پشاور سانحي قوم جي روح تي گهرو زخم رسايو آهي قوم جي گڏيل دشمنن خلاف گڏجي وڙهڻو پوندو زيارت ۾ قائد اعظم ريزيڊينسي جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين جو چوڻ هو ته دهشتگردي ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو هاڻ ان جي ازالي جو وقت آهي، قوم دهشتگردن کي شڪست ڏيئ پاڪستان کي پرامن ملڪ بڻائي ڇڏيندي، پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان وڏيون قربانيون ڏئي رهي آهن انهن جي عزم ۽ حوصلن تي قوم کي فخر آهي، ڏک جي گهڙي گذري ويندي، زنده قومون پنهنجو حوصلو برقرار رکنديون آهن، قوم اتحاد جو مظاهرو ڪري دشمن تي ثابت ڪري ڇڏيو ته هو ڪنهن کان به نه ٿي ڊڄي، فوج سان هر جاءِ تي ساٿ ڏنو ويندو ته جيئن دهشتگردن کي ختم ڪري سگهجي صدر ممنون حسين وڌيڪ چيو ته دهشتگردن زيارت ريزيڊينسي کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر قائد اعظم جي تعليم جي روشني ۾ اسان ترقي ڪري سگهون ٿا، بلوچستان حڪومت زيارت ريزيڊينسي کي ان جي اصل حيثيت ۾ بحال ڪيو. صدر پاڪستان ممنون حسين بلوچستان جي ضلع زيارت پهچي ويو اتي هن قائد اعظم جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو ۽ قومي جهنڊو به ڦڙڪايو، صدر هينئر بلوچستان جي ٽن ڏينهن واري دوري تي آهي، پنهنجي دوري جي ٻئين ڏينهن هو اڄ زيارت پهتو ان موقعي  تي گورنر بلوچستان محمد خان اچڪزئي ۽ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل ناصر جنجوعه ۽ ٻيا عملدار به موجود هئا، جڏهن ته تقريب ۾ زيارت جي قبائلي سردارن به شرڪت ڪئي، صدر ريزيڊينسي جي مختلف حصن جو دورو ڪيو 7 اتي رکيل قائد اعظم جي استعمال هيٺ ايندڙ شيون به ڏٺيون زيارت ۾ قائد اعظم ريزيڊينسي ۾ شرڪت جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا جڏهن ته شهر جي مختلف حصن ۽  رستن تي صدر جي زيارت اچڻ جي حوالي سان استقباليه بينر لڳايا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *