زندگي ۾ حقيقي سيڪس سين ڪرڻ تي پاڻ کي ڏوهي محسوس پئي ڪيان: جينيفر لارنس

واشنگٽن (شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪاره جينيفر لارنس انڪشاف ڪيو آهي ته پنهنجي زندگي ۾ حقيقي سيڪس سين ڪرڻ تي پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪري رهي آهيان، ڇو ته ڪرس پريٽ پرڻيل هو، هڪ انٽرويو ۾ جينيفر لارنس چيو ته مان تمام گهڻي ڇڪ رکندڙ ڪرس پريٽ سان حقيقي سيڪس سين ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو شراب پيتو ۽ اهڙي ريت پاڻ کي نشي ۾ڌت ڪري تڪراري منظر فلمبند ڪرايو. هن چيو ته ان منظر کانپوءِ مانتمام گهڻي بيچيني محسوس ڪرڻ لڳيس ۽ جڏهن گهر پهتيس ته ان وقت به پريشان هئس ته مان اهو ڇا ڪري ڇڏيو. اداڪارا جو چوڻ هو ته پريٽ پرڻيل آهي ۽ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته مان ڪنهن پرڻيل ماڻهو سان محبت وارا منظر فلمبند ڪرايا هجن ۽ ان کي چميون ڏنيون هجن. هن چيو ته پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪرڻ جي سڀ کان خراب ڳالهه اها آهي ته توهان کي پيٽ ۾ سور پئجي ويندو آهي. جينيفر چيو ته ڳالهه اتي ئي ختم نه ٿي پر مون پنهنجي امڙ کي به ٻڌايو ته مان اها حرڪت ڪئي آهي، ڇا تون مونکي چوندئين ته مٺي اهو سڀ ڪجهه صحيح ناهي؟ جينيفر لارنس ، ڪرس پريٽ سان ريئل سيڪس سين پنهنجي ايندڙ فلم پيسينجر لاءِ فلمبند ڪرائي آهي، جيڪا هلندڙ سال ڊسمبر ۾ رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *