زندگي سٺي پئي گذري، ڪوچنگ ڪرڻ جو ارادو ناهي: شعيب اختر

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر واضح ڪيو آهي ته هو پنهنجي ٻين هم عصر رانديگرن جيان پاڪستاني ٽيم جي ڪوچنگ ۾ ڪا به دلچسپي نٿو رکي.هن چيو ته آئون آسان زندگي گذاري رهيو آهيان، جنهن ۾ منهنجون گهڻيون خواهشون ناهن ۽ ضرورت وقت مان پاڪستاني ٽيم کي پنهنجا مفيد مشورا ڏئي ته سگهان ٿو پر ڪل وقتي ڪوچنگ هڪ اهڙو ڪم آهي جنهن جي باري ۾ مون ڪڏهن به سوچڻ جي ڪوشش ڪئي ناهي ڪئي.ميڊيا انڊسٽري سان لاڳاپيل شعيب اختر جو چوڻ هو ته آئون في الوقت هڪ والد جي حيثيت سان پنهنجا فرض نڀائي رهيو آهيان ۽ پنهنجي گهر ويهي پٽ جي پرورش جو عمل ڏسڻ مون لاءِ اطمينان ڏيندڙ آهي، منهنجي خيال ۾ پٽ وڏو ٿي ڪرڪيٽر نه پر اداڪار ٿيندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *