زمين اندر پاڻي جي قيمت بابت ڪيس، صوبائي حڪومتون پاڻي بابت تجويزون اٽارني جنرل وٽ جمع ڪرائين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان زمين اندر پاڻي جي قيمت بابت ڪيس ۾ هدايت ڪئي آهي ته صوبائي حڪومتون پاڻي بابت تجويزون اٽارني جنرل وٽ جمع ڪرائين، انڊسٽريز پاڻي بابت پروپوزل ٺاهي صوبائي حڪومتن کي فراهم ڪن، صوبائي حڪومتون ڪمپنين جي پروپوزل کي عدالت ۾ پيش ڪن، سپريم ڪورٽ ۾ زمين اندر پاڻي جي قيمت بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ بينچ ڪئي، ٻڌڻي ڪندي ڊپٽي اٽارني چيو ته صوبائي حڪومتن پاڻي جي قيمت بابت قانون جي حوالي سان سفارشون ڏيڻو هنيون، صوبن پاران سفارشون نه مليون آهن، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته پنجاب ڪابينا واٽر ايڪٽ جي منظوري ڏئي چڪي آهي، فيصل چوڌري چيو ته واٽر ايڪٽ منطوري لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾پيش ڪيو ويندو، سرڪاري وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت 4 مختلف سفارشون ڏنيون آهن، سنڌ ۾ پاڻي جي حوالي سان پهريائين قانون موجب آهي، سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي قيمت اڳاڙي پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ حڪومت جا مسئلا في الحال اٽارني جنرل آفيس کان حل نه ٿي سگهندا، هن چيو ته سنڌ جي قانون جو مسودو اٽارني جنرل کي موڪلي چڪا آهيون، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته مٺي پاڻي جي استعمال جي قيمت نهايت گهٽ ورتي وڃي ٿي، پاڻي جي گهٽ قيمت وٺڻ حڪومتون آهن يا ستل آهن سرڪاري وڪيل چيو ته واٽر ڪمپنيون جتان پاڻي ڪڍن ٿيون اتي سئو فوٽ تائين هوا به نٿي ملي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته لڳي ٿو ته سنڌ ۾ به ڪٽاس راج واري صورتحال بڻجي رهي آهي، صوبائي حڪومت جي وڪيل چيو ته ڪي پي ڪي ۾ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن، ڪي پي ڪي حڪومت جي وڪيل چيو ته پاڻي جي قيمت جي حوالي سان اڃا عوامي راءِ اچڻي آهي، هن چيو ته صنعتن جو مفاد به ڏسڻو آهي، عدالت کي سختي نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، سنڌ حڪومت پاران خدشن جو اظهار ڪيو ويو، اي جي سنڌ حڪومت چيو ته جيستائين ڪيبينيٽ منظوري نه ڏيندي ان وقت تائين سان ڪا به تجويز اٽارني جنرل کي نٿا موڪلي سگهون، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته توهان جا جيڪي به خدشا آهن اهي پنهنجي طور تي طئه ڪريو پوءِ اٽارني جنرل ڏانهن موڪليو، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته سنڌ حڪومت پاران تفصيل اٽارني جنرل کي ناهي موڪليو ويو، هن چيو ته پنجاب حڪومت ته سمورن ضلعن جو تفصيل فراهم ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت اڃا تائين ڇو ڪجهه ناهي ڪيو، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته 3 صوبا متفق ٿي چڪا آهن رڳو سنڌ حڪومت ڪجهه ناهي ڪيو، پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته پنجاب ۾ 75 سيڪڙو پاڻي جا ميٽر لڳي چڪا آهن، لاهور ۽ فيصل آباد ۾ ميٽرز جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته توهان کي ڪيترو وقت لڳندو، سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته وڌيڪ هڪ مهينو لڳندو، پنجاب ۾ ميٽرز جو ڪم مڪمل ٿي ويندو، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سنڌ ۾ ميٽرز جو ڪيترو ڪم ٿيو آهي، اي جي سنڌ چيو ته ڪميٽي 14 انڊسٽري جون لسٽون ڏنيون هيون انهن ۾ ميٽر لڳي چڪا آهن، اي جي سنڌ چيو ته اسان کي واٽر ڪميشن ڪيمٽي ٻين انڊسٽري جي لسٽ فراهم ناهي ڪئي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته لڳي ٿو ته گورنمينٽ آف سنڌ ۽ ڪميٽي چيئرمين ڊاڪٽر احسن صديقي وچ ۾ ڪا اڻبڻت آهي، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته اسان ته حڪم ڏنو هو ته سنڌ حڪومت پاڻ لسٽ وٺي ان تي ڪم ڪندي، اعجاز الحسن چيو ته سنڌ حڪومت ايندڙ ٻڌڻي تي پان انڊسٽري جي لسٽ فراهم ڪري، ڊاڪٽر احسن صديقي چيئرمين واٽر ڪميشن چيو ته واٽر ڪميشن ڪميٽي جون 3 گڏجاڻيون ٿي چڪيون آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ هڪ هزار گيلن پاڻي جا 50 پيسا ڏنا وڃن ٿا، ڊاڪٽر احسن صديقي چيو ته هن پاڻي جو 40 سيڪڙو ضايع ٿئي ٿو، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته اسان اهو چئون ٿا ته توهان هڪ ليٽر پاڻي 50 رپين جو سيل ڪريو ٿا، ان 50 رپين مان هڪ رپيو توهان حڪومت کي ڏيو، ڪمپني جي وڪيل چيو ته هڪ ليٽر تي هڪ رپيو وڌيڪ رقم آهي، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته هاڻ اسان ان هڪ رپئي واري فيصلي تي نظرثاني نه پيا ڪريون، هن چيو ته هڪ رپئي تي نظرثاني وارو ڪيس اڃا ناهي لڳو، ڪمپني جي وڪيل چيو ته هڪ ليٽر پاڻي جي بوتل اسان جو نفعو 5 رپين کان گهٽ آهي، ڪمپني جي وڪيل چيو ته 5 رپين کان نفعي تي اسان 19 رپيا ٽيڪس ڪيئن ادا ڪريون، اسان جيڪو جوس ٺاهيون ٿا ان ۾ 70 سيڪڙو کان گهٽ پاڻي جو استعمال ٿئي ٿو، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته جيڪو پاڻي زمين مان ڪڍندا پيسا ته چارج ٿيندا، هن چيو ته هن پاڻي کي توهان جنهن شيءِ ۾ پنهنجي مرضي سان استعمال ڪريو، احسن صديقي چيو ته جوس ۾ 96 سيڪڙو پاڻي استعمال ٿئي ٿو، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته توهان جا جيڪي خدشا آهن ڊرافٽ ٺاهي صوبائي حڪومتن کي ڏيو، عدالت چيو ته صوبائي حڪومتون پاڻي بابت تجويزون اٽارني جنرل وٽ جمع ڪرائين، انڊسٽري پاڻي بابت پروپوزل ٺاهي صوبائي حڪومتن کي فراهم ڪري، صوبائي حڪومتون ڪمپنين جي پروپوزل کي عدالت ۾ پيش ڪن جنهن کانپوءِ ڪيس ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *