زمينن تي قبضا اهم سياسي شخصيت جي حڪم تي ڪرايا، اعليٰ آفيسر به ڪرپشن ۾ ملوث آهن: اڳوڻو ٽي ايم او ممتاز زرداري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار اڳوڻي ٽي ايم او ممتاز زرداري انڪشاف ڪيو آهي ته هن زمينن تي قبضا اهم سياسي شخصيت جي حڪم تي ڪرايا، اعليٰ آفيسر به ڪرپشن ۾ ملوث آهن، نيب سنڌ هٿان ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار اڳوڻي ٽي ايم او سجاول ممتاز زرداري کان جاچ جاري آهي، ذريعن مطابق ممتاز زرداري جاچ دوران انڪشافڪيو آهي ته هن سرڪاري کاتن ۾ ڦيرڦار ڪري زمينن تي قبضا ڪرايا، جڏهن ته سرڪاري ايراضي اهم شخصيتن جي ملي ڀڳت سان وڪرو ڪئي وئي، ممتاز زرداري جو چوڻ هو ته هن ٺٽي جي زمينن تي اهم سياسي شخصيت جي حڪم تي قبضا ڪرايا۽ سرڪاري جاين تي ڀرتين لاءِ رشوت ورتي، اعليٰ آفيسر به ڪرپشن ۾ ملوث آهن، اڳوڻي ٽي ايم او ممتاز زرداري ترقياتي منصوبن جي نالي تي ملندڙ رقم ۾ به گهوٻين جو اعتراف ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *