زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم 19 مئي تي پاڪستان جو دورو ڪندي، تياريون شروع

لاهور(اسپورٽس نيوز) زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم جي جي اعليٰ  آفيسرن دوره پاڪستان لاءِ سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، مهمان ٽيم 19 مئي تي پاڪستان ايندي. پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو وري ڪرڪيٽ جو رونقون وري بحال ٿي وينديون. زمبابوي ٽيم جي استقبال لاءِ ڀرپور تياريون  ڪيون پيون وڃن. گذريل ڏينهن پاڪستان جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ سيڪيورٽي وفد هڪ  ڏينهن جي دوري تي پاڪستان آيو هو، جيڪو رات دبئي  ايئرلائين ذريعي واپس روانو ٿي ويو. سيڪيورٽي وفد پنهنجي هڪ ڏينهن جي دوري دوران جتي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو، اتي قذافي اسٽيڊيم جي چئوطرف صورتحال جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو. چار رڪني سيڪيورٽي وفد واپس وڃي زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ کي پاڪستان ۾ پنهنجي دوري ۽ سيڪيورٽي صورتحال کان آگاهه ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *