زمبابوي جو پاڪستان خلاف هوم سيريز جي شيڊول جو اعلان

هراري(اسپورٽس نيوز) زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان خلاف هوم سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽي 20 ۽ 3 ون ڊي بين الاقوامي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏي ويندي. زمبابوي ڪرڪيٽ طرفان جاري ڪيل شيڊول مطابق زمبابوي ۽ پاڪستان وچ ۾ 2 ٽي 20 ميچن تي ٻَڌل سيريز جي پهرين ميچ 27 سيپٽمبر ۽ ٻي ۽ آخري ميچ 29 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي، ان کانپوءِ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ون ڊي سيريز جي شروعات پهرين آڪٽوبر تي پهرين ميچ سان ٿيندي، ٻي 3 آڪٽوبر، جڏهن ته ميچ جي آخري ميچ 5 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي. سيريز جون ميچون هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *