زمبابوين وڪيٽ ڪيپر بيٽر برينڊن ٽيلر جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي

دبئي(اسپورٽس نيوز)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر برينڊن ٽيلر تي پابندي هڻي ڇڏي.آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب زمبابوي جي برينڊن ٽيلر تي هر قسم جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي هنئي وئي آهي.آءِ سي سي موجب برينڊن ٽيلر اينٽي ڪرپشن ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي 4 قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، کيس اينٽي ڊوپنگ ڪوڊ جي به ڀڃڪڙي تي چارج ڪيو ويو آهي.آءِ سي سي چيو آهي ته برينڊن ٽيلر تي ساڍا 3 سال پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ هو 28 جولاءِ 2025 کانپوءِ ڪرڪيٽ کيڏي سگهندو.واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ برينڊن ٽيلر اسپاٽ فڪسنگ جو اعتراف ڪيو هو ۽ چيو هو ته 2019 ۾ کيس ڀارتي بڪيز فڪسنگ لاءِ مجبور ڪيو، ڀارتي بڪيز ڀارت گهرائي ڪوڪين جو نشو ڪرايو، نشو ڪندي ويڊيو ٺاهي ۽ بليڪ ميل ڪيو.ٽيلر موجب ويڊيو رليز ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، تنهن ڪري بڪيز جي ڳالهه مڃڻي پئي، ڀارتي بڪيز اسپاٽ فڪسنگ عيوض 15 هزار ڊالر ڏنا هئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *