زمانو بدلجي چڪو آهي، ڪنهن به اداڪاره کي پنهنجي عمر لڪائڻ جي ضرورت ناهي: وديا بالن

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره وديا بالن چيو آهي ته اهو دؤر اچي ويو آهي ته ڪنهن به اداڪاره کي پنهنجي عمر لِڪائڻ يا ان جي باري ۾ ڪُوڙ ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي. وديا بالن هڪ انٽرويو ۾ چيو ته هاڻي زمانو بدلجي چڪو آهي ان لاءِ ڪنهن به هيروئن تي وڏو رول حاصل ڪرڻ لاءِ عمر لِڪائڻ جو دٻاءُ ناهي. اداڪاره چيو ته مون کي ڪڏهن به عمر جي باري ۾ احساس ڪمتري ناهي ٿي ۽ ان ڳالهه تي فخر آهي ته منهنجي عمر 36 سال آهي، زندگي جيئن جيئن اڳتي وڌندي آهي ائين ئي ان جو جوش وڌندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن به ڪردار کي چونڊڻ لاءِ مخصوص فارمولو استعمال ناهيان ڪندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *