زلزلي ۾ 226 ماڻهو فوت، 1635 زخمي ٿيا: مشتاق غني

پشاور (اين اين آءِ) وزيراعليٰ خيبرپختونخواهه جي معاون خاص انفارميشن مشتاق غني چيو آهي ته تازي زلزلي سبب 226 ماڻهو فوت جڏهن ته 1635 ماڻهو زخمي ٿيا فوتين 193 ماڻهن جي وارثن کي امدادي رقم ملي چڪي آهي گذريل ڏينهن معاون خاص زلزلي جي تازي صورتحال ۽ امدادي سرگرمين جي حوالي سان ميڊيا کي بريفنگ ڏني مشتاق غني جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواهه جي جاري ڪيل تازن انگن اکرن مطابق زلزلي سبب ڪل 226 ماڻهو فوت ٿيا آهن جن مان 193 متاثر ڪٽمبن کي معاوضو ملي چڪو آهي زلزلي ڪل 1635 ماڻهو زخمي ٿيا جن ۾ 115 ماڻهن کي معاوضو ڏنو ويو زلزلي ۾ 42722 گهرن کي نقصان پهتو آهي جن مان 398 تباهه ٿيل گهرن جي مالڪن کي معاوضو ڏنو ويو آهي هن چيو ته تازي زلزلي سان 495 سرڪاري اسڪولن جي عمارتن کي نقصان ٿيو آهي زلزلي ۾ ٿيندڙ مختلف نقصانن ۾ جاني ۽ مالي نقصانن جي حوالي سان انهن جو چوڻ هو ته سوات ۾ 35 ماڻهو فوت 253 زخمي ۽ 11294 گهر تباهه ٿيا آهن دير لوئر ۾ 26 ماڻهو فوت 248 زخمي ۽ 2397 گهر تباهه ٿيا آهن دير اپر ۾ 16 فوت 162 زخمي 234 اسڪول ۽ 3170 گهرن کي نقصان پهتو بونير ۾ 9 فوت 98 زخمي ۽ 437 گهر تباهه ٿيا آهن ۽ 151 اسڪولن کي نقصان ٿيو تورغر ۾ 18 فوت 27 زخمي 700 گهر تباهه ٿيا آهن ڪوهستان اپر ۾ 9 فوت 7 زخمي ۽ 440 گهر تباهه ٿيا آهن ڪوهستان لوئر ۾ 3 فوت 27 زخمي ۽ 1486 گهر تباهه ٿيا پشاور ۾ 9 فوت 165 زخمي جڏهن ته 210 گهرن کي نقصان ٿيو چارسده ۾ 4 فوت 8 زخمي ۽ 105 گهرن کي نقصان ٿيو مردان ۾ 5 فوت 16 زخمي ٿيا آهن نوشهره ۾ 2 فوت 17 زخمي ۽ 279 گهر تباهه ٿيا آهن صوابي ۾ 3 فوت 6 زخمي 28 اسڪول ۽ 432 گهر تباهه ٿيا مانسره ۾ 2 فوت 15 زخمي ۽ 31 گهر تباهه ٿيا هنگو ۾ هڪ فوت ۽ 3 گهر تباهه ٿيا ٽانڪ ۾ هڪ فوت هڪ زخمي 53 اسڪول ۽ 15 گهرن کي نقصان پهتو چترال ۾ 32 فوت 200 زخمي ۽ 15937 گهر تباهه ٿيا آهن شانگلا ۾ 49 فوت 265 زخمي ۽ 3311 گهر تباهه ٿيا آهن مالاڪنڊ ۾ 2 فوت 78 زخمي ۽ 792 گهر تباهه ٿيا آهن سڀ کان وڌيڪ مالي نقصان گهر تباهه ٿيڻ ۽ گهرن جون ڀتيون ڪرڻ جا واقعا بونير سوات شانگلا دير مالاڪنڊ ۾ ٿيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *