زلزلي کان پوءِ پاڪستان پاران ڪيل مدد هميشه ياد رهندي: نيپالي آرمي چيف

راولپنڊي (م.ڊ) نيپال جي آرمي چيف جرنل گورو ايس جي بي راڻا نيپال ۾ آيل زلزلي کان پوءِ  پاڪستان پاران  زلزلي متاثرين  جي لاءِ ڪيل خدمتن جو شڪريو ادا ڪيو. نيپال جي آرمي چيف آچر جي ڏينهن نيپال ۾ پاڪستان آرمي طرفان قائم ڪيل فيلڊ اسپتال جو دورو ڪيو ۽ اتي مصروف پاڪستاني اهلڪارن سان ملاقات پڻ ڪئي. انهي موقعي تي جنرل گورو پاڪ فوج  پاران  هلندڙ امدادي ڪاررواين جي تعريف  ڪئي ۽ چيو ته کٽمنڊو جي عوام پاڪستان کي هميشه ياد رکندي ڇو ته پاڪستان آرمي جي ڊاڪٽرن بر وقت انهن جي مدد لاءِ موجود رهيا آهن بلڪه ڪافي مقدار ۾ دوائن جي کيپ به ڏني وئي آهي. آئي ايس پي آر مطابق پاڪ آرمي طرفان کٽمنڊو جي علائقي  بخت پور ۾ هنيل ڪئمپ زلزلي متاثرين ماڻهن جي لاءِ طبي امداد جو هڪ اهم ذريعو آهي. جڏهن ته پاڪستان آرمي اربن سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمون به پنهنجي ڪمن ۾ مصروف آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *