زلزلي متاثرن لاءِ  صوبائي حڪومت کي ڏيڍ ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته زلزلي متاثرن لاءِ خيبر پختونخواهه جي صوبائي حڪومت 3ارب رپين جو مطالبو ڪيو هو، جنهن تي ڏيڍ ارب جاري ڪري ڇڏيا آهن.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ”ن“ليگ ۽ پي ٽي آئي پن هنجا ويڇا وساري ڏکئي وقت ۾ هڪ ٿي وئي آهي،ميڊيا رپورٽ مطابق پرويز رشيد چيو آهي ته،فوج ۽ حڪومت امدادي ڪاررواين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، شروعاتي انداز مطابق امدادي ڪم 4 کان 5 ڏينهن ۾ پورو ٿيڻو هو، پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ضرب عض آپريشن سبب زلزلي متاثر علائقن ۾ اڳ ۾ ئي موجود هئي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *