زلزلي سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک پهتو ، متاثرن جي بحالي تائين حڪومت سک سان نه ويهندي: صدر ممنون حسين

باجوڙ ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته زلزلي سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي کيس ڏک پهتو آهي، متاثرن جي بحالي تائين حڪومت سک سان نه وَيـــــهندَي. صدر ممنون حسين زلزلي متاثر علائقن جَي دور تي باجوڙ ايجنسي پهتو، جتي کيس زلزلي سبب ٿيل نقصان ۽ امدادي سرگرمين بابت عملدارن پاران تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي زلزلي متاثرن کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته زلزلي سبب جاني ۽ مالي نقصان تي کيس ڏک پهتو آهي، جڏهن ته ڏکئي گهڙي ۾ عوام متاثرن سان گڏ آهي. هن چيو ته حڪومتي ادارن ۽ فوج امدادي ڪاررواين ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي، جنهن تي هُو پاڪ فوج کي سلام پيش ڪري ٿو. صدر ممنون حسين چيو ته قدرتي آفتون اينديون رهنديون آهن، پر زنده قومون ڏکئي وقت ۾ متحد ٿي آفتن جو مقابلو ڪنديون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر ممنون حسين چيو ته زلزلي متاثرن جي بحالي سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڪئي ويندي، حڪومت متاثرن جي بحالي تائين سک نه وَيـــهندَي، جڏهن ته متاثرن  کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *