زلزلي جون تباهيون جاري، ڇت ڪرڻ سبب 3 فوت، انگ 363 ٿي ويو

پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ جَي مختلف شهرن ۾ خوفناڪ زلزلي جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 363 ٿي ويو آهي، پشاور ۾ زلزلي سبب متاثر ٿيل گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻن ٻارڙين سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جون امدادي ڪارروايون جاري آهن، سيءَ سبب زلزلي متاثرن جا اهنج وڌي ويا آهن. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 8 ڏهائي هڪ جي شدت سان آيل زلزلي جون تباهڪاريون جاري آهن، زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 2 سئو 72 ٿي ويو آهي ۽ سوين زخمي آهن، جڏهن ته هزارين متاثر اڃا به امدادي ڪاررواين جا منتظر آهن. زلزلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر خيبرپختونخواهه جو ضلعو شانگلا ٿيو آهي، جتي 49 کان وڌيڪ حياتيون ضايع ٿيون آهن ۽ هزارين گهر مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا آهن.  زلزلي سبب شانگلا ۾ هزارين متاثرن ۾ اڃا تائين ڪمبل، تنبو ۽ ٻيو امدادي سامان ناهي پهچي سگهيو، سيءَ ۽گهربل شين جي کوٽ سبب متاثرن جا اهنج ٻيڻا ٿي ويا آهن. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي زلزلي سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان بابت تازه انگ اکر جاري ڪندي زلزلي سبب 2 سئو 55 ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب 15 سئو 67 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته مجموعي طور تي 9 هزار 209 گهرن کي نقصان پهتو آهي. اين ڊي ايم اين اي موجب، خيبرپختونخواهه ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 208 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 15 سئو کان وڌيڪ زخمي آهن، جن کي مختلف اسپتالن ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.انگن اکرن موجب، خيبرپختونخواهه ۾ زلزلي سبب 8 هزار 4 سئو 53 گهرن کي نقصان پهتو آهي. اين ڊي ايم اي موجب، فاٽا ۾ 30 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، گلگت بلتستان ۾10، آزاد ڪشمير ۾ 2 ۽ پنجاب ۾ 5 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته اپر دير ۾ 20، باجوڙ ايجنسي ۾ 22 ۽ لوئر دير ۾ 23 ڄڻا فوت ٿيا آهن. پاڪ فوج اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ امدادي ڪئمپس قائم ڪري ورتيون، جتي متاثرن جي کاڌ خوراڪ سميت ٻيو گهربل سامان گڏ ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن، ڏکئي وقت ۾ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *