زلزلو قدرتي آفت آهي الله تعاليٰ پاران امتحان آهي اسان کي صبر ڪرڻ گهرجي: سراج الحق

بونير (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي پاڪستان سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته زلزلو قدرتي آفت آهي ۽ الله تعاليٰ پاران امتحان آهي اسان کي صبر ۽ تحمل مان ڪم وٺڻ گهرجي وزيراعظم/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 15

محمد نوازشريف اسان جي مٿان لنگهي شانگلا ۽ چترال جي متاثرين جا اهنج معلوم ڪرڻ ويو ۽ ٻين ضلعن جي عوام کي ڇڏي ڏنو اسان جي ڪوشش آهي ته هو هتان جو به دورو ڪندو خوشي ٿي جماعت اسلامي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ۽ الخدمت فائونڊيشن جا رضاڪار زلزلي متاثرن جي خدمت لاءِ اڳ اڳ آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن بونير دوري جي موقعي تي زلزلي ۾ زخمين جي عيادت ۽ فوتين لاءِ فاتحه خواني ۽ زلزلي جي تباه ڪارين جي جائزي کان پوءِ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڊگر ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو سراج الحق چيو ته تازي زلزلي ۾ مالاڪنڊ ڊويزن سڀ کان گهڻو متاثر ٿيو آهي حڪومت بي گهر ماڻهن لاءِ 2-2 لک جو اعلان ڪري متاثرن سان مذاق ڪئي آهي اڄوڪي زماني ۾ ٻه لک رپين سان هڪ ڪمرو به آباد نٿو ٿئي حڪومت کي اسان جي تجويز آهي ته تباهه ٿيل گهراڻي جي ماڻهن کي 10-10 لک رپيا جاري ڪري ته جيئن سردين کان اڳ اڳ اهي پاڻ کي محفوظ ڪري سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *