زرداري ۽ شهباز شريف کي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي، عمران خان پاڻ ڪري رهيو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اصف زرداري ۽ شهبازشريف کي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت نه آهي پر عمران خان جي حڪومت ته پاڻ ڪري رهي آهي اسان ته چاهيون ٿا ته نظام هلي، مڊٽرم چونڊون ٿين ٿيون ته هي ٻيهر اچڻ لاءِ به نه سوچين مڊٽرم ٿيون ته ڇا هي 2013 واريون سيٽون به کڻي سگهندا اڃا ڪراچي کان ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي جون 11 سيٽون کسيون اهي نه ملنديون ميڊيا سان ڳالهايندي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته اسان کي عمران خان جي حڪومت کي ڪيرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي آصف زرداري شهبازشريف يا اسان کي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت نه آهي هي پاڻ ڪري رهيو آهي ان وٽ اڄ به جيڪا اڪثريت آهي اها پنهنجي نه آهي، بي اين پي مينگل، ايم ڪيو ايم، باپ، ٻه ٽي جماعتون آهن جن جي اڪثريت آهيا سان ته چاهيون ٿا ته نظام هلي سيد خورشيد شاهه چيو ته تحريڪ لبيڪ کي بيهارڻ سان کين 30 کان وڌيڪ سيٽون مليون جيڪو هاڻي ان کان ناراض آهي اسان جي ڪجهه ادارن 30، 35 سٺا ماڻهو پڪڙي ڏنا هئا اهي اليڪٽ ايبلز ناراض آهن ان جي پارٽي جا پنهنجا ماڻهو ناراض ٿي چڪا اهن يپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته ڪابينه اهڙين تنظيمن سان ملاقاتون ڪري رهي آهي جيڪي شڪ جي دائري ۾ آهن مهانگائي وڌندي پئي وڃي ۽ پنهنجي غلطين کي لڪائي رهيا آهن اسان نيب قانون ۾ ترميم سميت هر ان شئي لاءِ تيار آهيون جنهن سان پاڪستان بهتر ٿي سگهي ٿو. 12-2011 ۾ دنيا ۾ تيل جي قيمت 110 ڊالر في بيرل ۽ ملڪ ۾ 94 رپيا ليٽر هئي اڄ دنيا ۾ تيل 60 ڊالر في بيرل ۽ ملڪ ۾ 114 رپيا ليٽر آهي ڪيس صرف تيل مان اربين رپيا اضافي ملي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *