زراعت جي شعبي کي رليف ڏيڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ نئون بحران پيدا ٿي ويندو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ان کان وڌيڪ شرم جوڳي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته زرعي ملڪ پاڪستان پنهنجي ضرورتن لاءِ ڦٽي، کنڊ ۽ ڪڻڪ ٻاهرين ملڪ مان گهرائي رهيو آهي، ڪڻڪ، کنڊ ۽ ڦٽي جو ٻاهرين ملڪ مان هڪ ئي وقت گهرائڻ پاڪستان جي تاريخ ۾ افسوسناڪ واقعو آهي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان کي اقتدار ملندي ئي ملڪ ۾ زراعت جو شعبو تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو. عمران خان زراعت دشمن پاليسيون تبديل نه ڪيون ته حڪومت جي خلاف احتجاج ۾ اسان جو هاري سڀ کان اڳيان هوندو پاڪستان ۾ ڦٽي جي پيداوار گزريل سال جي ڀيٽ ۾ 34 سيڪڙو تائين هيٺ اچي 30 سالن جي گهٽ سطح تي اچي چڪي آهي ڦٽي بحران جي ڪري پاڪستان ۾ ٽيڪسٽائيل جي صنعت به تباهه ٿي رهي آهي هن چيو ته عمران خان 65 ارب رپين جي بجيٽ سان زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي هئي جنهن تي ڪٿي عمل نظر ناهي آيو گذريل برسات دوران ڦٽي، مرچ، ٽماٽر، بصر، چانور، ڪڻڪ سميت ٻيا فصل متاثر ٿيا پر حڪومت هارين جي ڪائي پٺڀرائي نه ڪئي هاري زرعي قرض به ادا نه پيا ڪري سگهن. ڀاڻ جون قيمتون وڌي ويون آهن ۽ عمران خان سڀ ٺيڪ آهي جو راڳ آلاپي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي غلط زرعي پاليسين جي ڪري هاري مفت چماٽو ورهائندو رهيو پر ڪائي مالڪي نه ٿي، جڏهن پيپلزپارتي وفاقي حڪومت سنڀالي ته ٻاهرين ملڪ مان ڪڻڪ خريد ٿي رهي هئي جڏهن ته هڪ سال کان پوءِ پاڪستان ڪڻڪ ٻاهر موڪلڻ وارو ملڪ بڻجي ويو پي ٽي آءِ حڪومت هارين کي 2000 رپيا في مڻ ڪڻڪ ڏيڻ بدران 2750 رپيا في مڻ ڪنهن نه ڪم جي ڪڻڪ ٻاهرين ملڪ مان گهرائي تاريخ ۾ لکيو ويندو ته جڏهن دهلي ۾ مودي جي خلاف هاري احتجاج ڪري رهيا هئا ته ٻئي پاسي لاهور ۾ پاڪستان جي مودي عمران خان جي خلاف هارين احتجاج ڪيو لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي سياسي پوليس جي هارين تي تشدد سان هڪ هاري جي شهادت ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين جيڪڏهن صنعتن لا3 بجلي سستي ٿي سگهي ٿي ته زراعت جي شعبي ڇو نه زراعت جي شعبي ۾ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن ٻي صورت ۾ ملڪ ۾ هڪ نئون بحران پيدا ٿيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *