زبير خان تحريڪ انصاف ۾ آهي ته سٺو ، حڪومت ۾ اچي ته خراب، ڇو؟: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد عمران خان کي گار گند جي سياست جو باني قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻين مٿان الزام لڳائيندڙ پي ٽي آءِ پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائي،  زبير خان تحريڪ انصاف سان گڏ هوندي سٺو هو حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ خراب ڇو ٿيو آهي.؟ عمران خان جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي پرويز رشيد چيو ته عمران خان ڏينهن رات ڪنٽينر تي ويهي سڀني تي الزام لڳائيندو آهي، ٻين تي الزام لڳائڻ بدران پنهنجي جهاتي ۾ نظر وجهي ۽ پنهنجي زبان جي مذمت ڪري. هن چيو ته شريف ڀائرن جي پراپرٽي جو رڪارڊ جلد ميڊيا جي آڏو پيش ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته اسد عمر جو ڀاءُ زبير خان تحريڪ انصاف ۾ هو تڏهنسٺو هو پر حڪومت ۾ اچڻ بعد خراب ڇو ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *