رڳو پيپلزپارٽيءَ جي احتساب جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا: آصف زرداري

دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هاڻي رڳو پيپلزپارٽيءَ جو ئي احتساب ٿيندو جنهن جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. آصف علي زرداري پ پ اڳواڻن خلاف نيب جي جانچ جي منظوري تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نيب پنهنجون آفيسون بند ڪري پيپلزپارٽي سيڪريٽريٽ ئي منتقل ٿي وڃي ته بهتر آهي ڇو ته اُن اڄ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن خلاف فيصلو ڏئي اسانجي ڳالهين تي مهر لڳائي ڇڏي آهي ۽ ون پارٽي احتساب جو هڪ ٻيو باب شروع ڪيو ويو آهي. آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته هن ملڪ ۾ احتساب رڳو پيپلزپارٽيءَ جو ٿيندو ڇو ته باق4ي سڀ نيب جي اختيارن کان ٻاهر آهن ۽ اُن جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. هن چيو ته پيپلزپارٽي کانسواءِ ملڪ ۾ سڀ ڪجهه چڱو اهي، سڀ ماڻهو اسانجو ئي احتساب ڪن پر ياد رهي ته اُهو سڀ ڪجهه تاريخ به ياد رکندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *