رپورٽ ۾ ذڪر ڪيل بيماري نواز شريف ئي ناھي، دل جي ماهر ڊاڪٽر پاران نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ بابت اهم انڪشاف

ڪراچي (م ڊ) دل جي ماهر ڊاڪٽر پاران نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ اهم انڪشاف ڪيا آهن، دل جي ماهر ڊاڪٽر عمير اصغر نواز شريف جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي ته رپورٽ ۾ جنهن مرض جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهو هن کي آهي ئي نه. دل جي ماهر ڊاڪٽر عمير اصغر نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ جنهن بيماري جو ذڪر ڪيو ويو آهي اها بيماري هن کي آهي ڪو نه، ڊاڪٽر امير اصغر چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ جنهن بيماري جو ذڪر آهي اها ٽوڪوسوبوسنڊروم آهي، نواز شريف پليٽليٽس گهٽ ٿيڻ سبب پرڏيهه ويو هو پر رپورٽ ۾ پليٽليٽس جي گهٽتائي جو ڪو ذڪرئي ناهي, دل جي ماهر وڌيڪ چيو ته ٽوڪو سوبو سنڊروم ڪنهن به صدمي جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو، ٽوڪو سوبو سنڊروم عورتن ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي ۽ پاڪستان ۾ ان جو علاج به آساني سان ٿي سگهي ٿو, واضح رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جون تازيون ميڊيڪل رپورٽون سامهون آيون هيون، جنهن ۾ ڊاڪٽر نواز شريف کي مڪمل صحتياب ٿيڻ تائين سفر نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو  ۽ علاج کانسواءِ واپس قيد ڪاٽڻ ۽ سندس گهرواري جي فوت ٿيڻ جو صدمو دل جو مرض وڌائي سگهي ٿو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي هن کي هرگز سفر نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي ايئرپورٽس، عوامي هنڌن تي وڃڻ گهرجي ۽ نه ئي اسپتال مان نڪرڻ گهرجي جيستائين نواز شريف جي ڪارنري انجنيو مڪمل نه ٿي وڃي، ڪورونا ۽ مختلف بيمارين ۾ نواز شريف جي زندگي کي خطرا آهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *