رپورٽ صحيح ثابت ٿي ته معاملو عالمي سطح تي اٿارڻ جو حق رکون ٿا: پاڪستان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو آهي ته بي بي سي جي رپورٽ ۾ ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.اسلام آباد ۾ پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي اعزاز چوڌري چيو ته ڪنهن کي به پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت ناهي، پاڪ – آمريڪا لاڳاپا بهترين آهن ۽ ايران به سٺو پاڙيسري آهي. هن ٻڌايو ته بي بي سي جي رپورٽ جي جاچ گهرو وزارت ڪري رهي آهي، ان حوالي سان مڪمل ڄاڻ ناهي ملي، اڃا تائين اهڙي ڪا رپورٽ ناهي ملي، جنهن مطابق ڪارروائي ڪئي وڃي پر ان حوالي سان جيئن ئي ڪا رپورٽ ملندي ته پاڪستان اهو معاملو عالمي سطح تي اٿارڻ جو حق رکي ٿو، پرڏيهي سيڪريٽري/جو چوڻ هو ته پرڏيهي وزارت سڀني ادارن جي رهنمائي سان پاليسي جوڙيندي آهي، ڍاڪا سانحي ۾ ڀارت جي ناڪاري ڪردار جي نريندر مودي تصديق ڪئي،اسان کي مودي جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت جو هاڪاري جواب نه ڏنو ويو.اعزاز چوڌري چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو بيان گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته پاڪستان صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ داعش جو ڪو وجود ناهي پر پاڪستان سوڌو ڏکڻ ايشيا ۾ ان ويڙهاڪ تنظيم جو خطرو موجود آهي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته داعش کي پاڪستان اچڻ کان روڪڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ داعش جي موجودگي جون رپورٽون مليون آهن ۽ افغان حڪومت کي چيو ويو آهي ته اها داعش کي پنهنجي ڌرتي تي اڳتي وڌڻ کان روڪي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن ضرب عضب کانپوءِ دهشتگردي ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي آئي آهي، اعزاز چوڌري چيو ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا محفوظ آهن، آمريڪا کي ميزائل پروگرام بابت شڪ هئا پر اهي ختم ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *