رٽائرڊ ۽ فوتي ملازمن جو قصو ماضي قرار، حڪومت 16 هزار برطرف ملازمن جي بحالي جون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: (م.ڊ) اٽارني جنرل برطرف ملازمن بابت تجويزون عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيون آهن. سپريم ڪورٽ ۾ 16 هزار برطرف ملازمن جي بحالي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.  وفاقي حڪومت ملازمن جي بحالي بابت تجويزون عدالت ۾ پيش ڪندي چيو ته 1 کان 7 گريڊ تائين جي ملازمن کي بحال ڪيو وڃي. گريڊ 8 کان 17 تائين جي ملازمن کي پبلڪ سروس ٽيسٽ مان گذرڻو پوندو. اهو عمل 3 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو. ملازمن جي ماضي جي سروس ايڊهاڪ تصور ٿيندي. جيڪي ملازم ريٽائرڊ ٿي ويا يا جيڪي لاڏاڻو ڪري ويا ان جا معاملا ماضي جو حصو سمجهيا ويندا.  تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته ملازمت دوران لاڏاڻو ڪري ويل ملازمن ۽ ان جا وارث پينشن جا حقدار نه هوندا. گريڊ 8 کان 17 تائين جي ملازمن جا 3 مهينن ۾ ٽيسٽ ورتا ويندا. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ٽيسٽ پاس ڪندڙ ملازمن کي پڪو ڪيو ويندو. حڪومت پاران پيش ڪيل تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪي ملازم بحال ٿيندي ئي پينشن وٺي رهيا آهن انهن کي وڌيڪ پينشن نه ملندي. ملازم کي جيڪا رقم ڏني وئي آهي اها واپس نه ڪئي ويندي.  3 مهينن ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ملازمن جي ٽيسٽ وارو عمل مڪمل ڪندي. جڏهن ته ملازمن کي ايڊهاڪ سمجهيو ويندو. اٽارني جنرل ٻڌايو ته وزيراعظم سان مشورو ڪري تجويزون عدالت کي ڏئي رهيو آهيان. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته تجويزن تي غور ڪري سپاڻي پنهنجو فيصلو ٻڌائينداسين.  جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. برطرف ملازم بحال ٿيندا يا نه سپريم ڪورٽ اهم ترين فيصلو سڀاڻي ٻڌائيندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *