رٽائرڊ جي توھين ناھي ٿيندي، ڀلي اھو چيف جسٽس ئي ڇو نه ھجي: مريم ۽ شاهد خاقان خلاف توهين عدالت درخواست خارج

اسلام آباد (م.ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي آھي، عدالت چيو آھي تھ جسٽس رٽائرڊ ثاقب نثار تي تنقيد توهين عدالت جَي زمري ۾ نٿي اچي، درخواستگذار جَي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جسٽس رٽائرڊ ثاقب نثار خلاف پريس ڪانفرنس ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون ويون، اُهي توهين عدالت جَي زمري ۾ اچن ٿيون، چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته رٽائرڊ شخص جي توهين ناهي ٿيندي، ڀَلي اُهو چيف جسٽس ڇو نه هُجي، ججز اهم عهدي تي هوندا آهن، کين تنقيد برداشت ڪرڻ گهرجي، پوءِ به متاثر شخص هرجاڻي جِي دعويٰ ڪري سگهي ٿو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *