ريچا چڍا پراڊڪشن جي شعبي ۾ به قدم رکي ڇڏيو. فلم ” خون آلي چٺي“ پروڊيوس ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) انسان جڏهن ڪجهه بهتر ڪرڻ چاهيندو آهي ته مختلف شيون سندس سامهون اينديون آهن، اهڙو ئي ڪجهه بالي ووڊ اداڪارا ريچا چڍا سان ٿيو آهي، جيڪا هاڻ فلم پراڊڪشن جي شعبي ۾ به قدم رکي رهي آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق ريچا چڍا جلد فلم ” خون آلي چٺي“ پروڊيوس ڪندي، جيڪا هڪ پنجابي فلم آهي، اهان هاڻ انگريزي ۾ ڊب ٿيندي، جنهن  جو مطلب آهي رت سان لکيل خط،فلم جي ڪهاڻي 80ع جي پڇاڙي ۽ 90ع واري ڏهاڪي جي شروع ۾ پيدا ٿيل خالستان تحريڪ تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ دهشتگردي ۽ عام ماڻهن تي رياستي ظلم ڏيکاريو ويو آهي، ان حوالي سان ريچا جو چوڻ هو ته مونکي خوشي آهي ته مان هاڻ پروڊيوسر طور به سامهون اينديس، منهنجي هوشيار دوست رپيندر سنگهه بهترين فلم ٺاهي آهي، جنهن ۾ ڀارتي پنجاب ۾ 90ع واري ڏهاڪي جي خالستان تحريڪ جي واقعن کي اڀاريو ويو آهي، جيڪا ان وقت تمام گهڻي تيز هئي، هن چيو ته خون آلي چٺي بهترين ۽ مضبوط ڪهاڻي واري مختصر پنجابي فلم آهي،ريچا چيو ته اسان کي اميد آهي ته ان فلم کي ايندڙ سالن دوران فلمي ميلن ۾ وڏي جاءِ ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *