ريٿڪ روشن پيءُ جي چوڻ تي ڪبير خان جي فلم ۾ ڪم نه ڪيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ايڪشن هيرو ريتڪ روشن والد راڪيش روشن جي چوڻ تي هدايتڪار ڪبير خان جي فلم جي پيش ڪش کي لت هڻي ڇڏي، هدايتڪار ڪبير خان جو شمار فلم نگري جي ڪامياب ڊائريڪٽرن ۾ ٿئي ٿو جنهن هن وقت تائين ڪيتريون بلاڪ بسٽر فلمون ڏنيون آهن جن ۾ ايڪ ٿا ٽائيگر ۽ بجرنگ ڀائي جان، جڏهن ته ڪبير خان ريتڪ کي پنهنجي فلم ۾ ڪم جي پيش ڪش ڪئي جيڪا هن ٺڪرائي ڇڏي، ڀارتي ميڊيا موجب ڪبير خان جي فلم اسڪرپٽ پڙهڻ تي ريتڪ روشن ڪم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو پر پنهنجي والد جي چوڻ تي فلم ۾ ڪم کان انڪار ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *