رينجرز پاران نائن زيرو تي ڇاپي بابت ايم ڪيو ايم جي رپورٽ رد، سياسي پارٽي شهر جو امن متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي: ترجمان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) رينجرز سنڌ، ايم ڪيو ايم جي الزامن ۽ رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته سياسي جماعت نائن زيرو تي ڇاپي جي حوالي سان غلط ڄاڻ ڏئي شهر جو امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. رينجرز جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سياسي پارٽي نائن زيرو تي ڇاپي بابت غلط رپورٽ جاري ڪري عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ۽ شهر جو امن متاثر ڪرڻجي سازش ڪئي آهي. رينجرز جي ترجمان اعلان ڪيو ته نائن زيرو تي ڇاپي جي حوالي سان اصل حقيقتون سامهون آڻڻ لاءِ ٻن ٽن ڏينهن اندر رپورٽ جاري ڪئي ويندي. رينجرز مطابق 11 مارچ تي نائن زيرو تي لڳل ڇاپي بابت سياسي پارٽي جا انگ اکر صحيح ناهن، حقيقتن کي ٽوڙِي مروڙِي پيش ڪري شهر جي امن امان ۽ شهرين کي سندن حفاظت واري معاملي کان گمراهه ڪيو پيو وڃي، سنڌ رينجرز ترت فيڪٽ شيٽ جاري ڪندي،جنهن ۾ آپريشن بابت وڌيڪ ڄاڻ ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *