رينجرز سميت ڪرپشن خلاف جيڪو به ڪارروائي ڪندو حمايت ڪنداسين: لياقت جتوئي

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي سنڌ اسيمبلي ميمبر لياقت علي جتوئي چيو آهي ته رينجرز سميت ڪرپشن جي خلاف جيڪو به ڪارروائي ڪندو ان جي حمايت ڪنداسين سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري سٺو ڪم ڪيو آهي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي بيان جي ڀرپور مذمت ڪيان ٿو اربع تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي لياقت جتوئي چيو ته آصف زرداري، بينظير ڀٽو ۽ مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت تي اعتراض سخت جملا استعمال نه ڪيا هئا جيڪي هن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيس تي ڇاپي کان پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خلاف ڳالهايا آهن هن چيو ته رينجرز ڪرپشن جي خلاف ڪارروائي ڪري ڪوئي غلط ڪم نه ڪيو آهي حڪمرانن گذريل ستن سالن ۾ سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ان موقعي تي مسلم ليگ فنڪشنل جي سنڌ اسيمبلي ميمبر نصرت سحر عباسي آصف زرداري جي بيان جي مذمت ڪندي چيو ته قومي سلامتي جي ادارن جي خلاف اهڙا لفظ يا اهڙي زبان استعمال نه ڪرڻ گهرجي هن مطالبو ڪيو ته آصف زرداري پنهنجو بيان واپس وٺي ۽ کيس معافي وٺڻ گهرجي. ڪنهن کي خبر نهآهي ته سڄي سنڌ ۾ ڪرپشن پويان ڪنهن جو هٿ آهي هن ڪرپشن سڄي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيوآهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *