رينجرز جي مقرري ڪنهن فرد يا حڪومت جا اختيار محدود ڪرڻ ناهي: چوڌري نثار

اسلام آباد(اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته رينجرز جي مقرري ڪنهن به فرد يا حڪومت جي اختياريءَ کي محدود ڪرڻ نه آهي، نه ئي اها ڪا صوبائي خودمختياريءَ ۾ مداخلت آهي. اربع ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گهرو معاملن واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۾ رينجرز جو مدو اڄ ختم ٿي رهيو آهي. هن ٻُڌايو ته هن سنڌ جي وزيراعليٰ سان رينجرز جي مقرريءَ بابت ٽيليفون تي ڳالهايو آهي ۽ رينجرز جي مُدي وڌائڻ جي نئين رڪيوزيشن ايندي ۽ رات دير تائين اهو مسئلو حل ٿي ويندو. چوڌري نثار چيو ته هن سنڌ جي وزيراعليٰ کي ٻڌايو آهي ته رينجرز جي مقرري ڪنهن به شخص جي اختيارين کي محدود ڪرڻ بابت ناهي ۽ نه ئي اها صوبائي خودمختياريءَ ۾ مداخلت آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪو رينجرز جي مينڊيٽ کي نه سمجهي سگهيو آهي ته ان جي غلط فهميءَ کي ختم ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت رينجرز جي مقرريءَ بابت درخواست نه ڏيندي ته ان کي سنڌ صوبي مان واپس گهرايو ويندو. هن چيو ته رينجرز جي باري ۾ ڪجهه سياستدانن جا تازا بيان حيرت جوڳا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي اهو تاثر پيدا ڪري رهيا آهن ته اها فورس قانون ۽ قاعدن جي دائري کان مٿاهون ٿي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته رينجرز سنڌ ۽ پاڪستان جي فورس آهي جنهن کي صوبي ۽ ڪراچيءَ ۾ هڪ طريقيڪار طور مقرر ڪيو ويو آهي. چوڌري نثار چيو ته رينجرز قانون مطابق ڪم ڪري رهي آهي ۽ گذريل ڪجهه مهينن کان ان قاتلن، دهشتگردن، ڀتي خورن ۽ ٽارگيٽيڊ ڪلرز خلاف ڪارروائي ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڏوهن جي شرح گهٽ ٿي آهي جيڪا اڳ آسمان کي ڇُهي رهي هئي. گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته رينجرز هڪ غير سياسي فورس آهي جيڪا نه ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي هدايت تي ڪم ڪندي آهي نه ئي ڪنهن پارٽيءَ جي خلاف ڪم ڪندي آهي. چوڌري نثار علي خان چيو ته رينجرز کي هڪ خاص مقصد تحت نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ اهو وفاقي حڪومت لاءِ ممڪن ناهي ته اهي ڪنهن اجازت ڏين ته اهي رينجرز جهڙي فورس کي نشانو بڻائين. هن چيو ته اسان رينجرز جي جوانن جو تحفظ ڪنداسين جن پنهنجي زندگين کي خطري ۾ وجهي عام ماڻهن جي زندگيءَ کي تحفظ فراهم ڪيو آهي، رينجرز کي قانوني ڪور کانسواءِ ڪراچيءَ جي رستن تي بي يارو مددگار نه ڇڏيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ڊي جي رينجرز کي خط لکيو هو جنهن جو ڪوبه جواب ناهي آيو. چوڌري نثار علي چيو ته ايف آءِ اي کي ڏنل اختيار قومي ۽ بين الصوبائي ڪيسن لاءِ آهن. هن چيو ته ميٽرو پوليٽن پوليس لنڊن ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ جوابدار معظم علي خان کان پُڇا ڳاڇا مڪمل ڪري ڇڏي آهي ۽ لنڊن پوليس هڪ ٻئي جوابدار تائين رسائي حاصل ڪئي آهي جيڪا خميس ڏينهن کان جاچ شروع ڪندي، جڏهن ته 3 جوابدار تائين رسائي ڏيڻ لاءِ فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس بابت جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ميٽرو پوليٽن پوليس بعد ۾ رپورٽ تيار ڪندي ۽ لنڊن رواني ٿي ويندي. گهرو وزير وضاحت ڪندي چيو ته برطانوي اختيارين جوابدارن کي سندن حوالي ڪرڻ بابت ڪوبه مطالبو نه ڪيو آهي، هنن فقط جوابدارن تائين رسائي جي درخواست ڪئي هئي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چوڌري نثار علي خان ٻُڌايو ته حڪومت طرفان نظرثاني ڪرڻ تي اين جي اوز جي ڪم ڪار تي ڪوبه فرق نه پوندو. هن چيو ته گهرو وزارت کي ايندڙ 6 مهينن اندر اين جي اوز جي ڪم ڪار جو جائزو وٺڻ لاءِ ذميواري ڏني وئي آهي. هن چيو ته 3 مهينن اندر گهرو وزارت اين جي اوز لاءِ شفاف آن لائن نظام تيار ڪندي ۽ اين جي اوز جي رجسٽريشن، فنڊن جي سورس ۽ مانيٽرنگ بابت ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي جيڪا سڄي دنيا کي ميسر هوندي. اي پي پي/ع – س/ح – ق 21:40

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *