رينجرز جي اختيارن ۾ توسيع واري معاملي تي پ پ قيادت ۾ مشورا

ڪراچي(ار،م ڊ) رينجرز جي اختيارن ۾ توسيع جي حوالي سان پ پ جي قيادت وچ ۾ مشاورت ڪئي وئي آهي وزيراعليٰ سيدقائم علي شاهه آصف علي زرداري سان ٽيليفون تي رابطو ڪري صورتحال بابت آگاهي ڏني جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري سان به گڏجاڻي ڪئي خابرو اداري جي دعوي ٰ مطابق ته پ پ قيادت سنڌ حڪومت کي رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ٻئي پاسي آپريشن بند ٿيڻ سان گرفتار ٿيل ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڀتا خورن کان جاچ به متاثر ٿيندي، رينجرز وڌيڪ گرفتاريون به نه ڪندي، حساس هنڌن تان واڌو اٽالا به واپس گهرايا ويا آهن. سنڌ ۾ رينجرز جون ڇاپو هڻندڙ ڪارروايون ڪندڙ اختيارن جو ڏنو مدو اڄ رات 12 وڳي پورو ٿي رهيو آهي. ان صورتحال ۾ سنڌ رينجرز سمورين ونگز کي ڇاپو هڻڻ وارين ڪاررواين نه ڪرڻ جي به هدايت ڏئي ڇڏي آهي.گرفتار ڏوهارين جي سڃاڻپ تي وڌيڪ گرفتاريون به نه ٿي سگهنديون. جڏهن ته شهر ۾ گرفتار ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڀتا خورن کان جاچ به متاثر ٿيڻ جا خطرا آهن.ٻئي پاسي سنڌ حڪومت رينجرز کان اختيار ۽ قائم مدي تي قانوني صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.رات 12 وڳي تائين نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيا ته تڪرار شدد اختيار ڪري سگهن ٿا.رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ هر 3 مهينن کانپوءِ سنڌ جي گهرو وزارت ڪندي آهي ان ڪري هاني واڌ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائڻ واري ڳالهه هلي رهي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *