رينجرز جو سي پي ايل سي چيف جي گهر تي ڇاپو، مغوي جي والده ۽ 15 لک ڪيش برآمد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رينجرز سي پي ايل سي چيف احمد چنائي جي گهر تي ڇاپو هڻي مغوي جي والده ۽ 15 لک روپيا برآمد ڪري ورتا آهن جڏهن ته احمد چنائي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. رينجرز سي پي ايل سي چيف احمد چنائي جي گهر تي اطلاع ملڻ تي ڇاپو هڻي مغوي نوجوان جي والده ۽ گهر مان 15 لک روپيا برآمد ڪري ورتا جڏهن ته رينجرز ذريعن جو چوڻ هو ته احمد چنائي اغوا ۽ ڀنگ جي جوابدارن سان مليل آهي جڏهن ته ڇاپي جي ڪارروائي دوران احمد چنائي مغوي جي والده کي فون تي جوابدارن ڳالهائي رهيو هو. ٻئي پاسي سي پي ايل سي چيف رينجرز جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته رينجرز کي غلط فهمي ٿي هئي جيڪا هيڊڪوارٽر وڃي ختم ڪئي وئي آهي. منهنجي گهر مان 1 لک روپيا ۽ ڪنهن مغوي جي والده کي بازياب ناهي ڪرايو ويو جڏهن ته انهيءَ حوالي سان رينجرز اختيارين ۽ گورنر سنڌ سان به ڳالهايو آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان ڪرچاي جي عوام جي خدمت ڪري رهيو آهيان ۽ اهڙن الزامن سان بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اختياريون الزامن جي عدالتي جانچ ڪرائين. ڪراچي پوليس چيف غلام قادر ٿيٻو چيو آهي ته احمد چنائي جي گهر تي ڇاپي بابت ڪابه خبر ناهي، ان معاملي تي ڪنهن مون سان شڪايت ناهي ڪئي، ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻو وڌيڪ چيو ته هر پارٽي ۾ خراب ۽ سٺا ماڻهو هوندا آهن ضروري ناهي ته هڪ ئي سياسي پارٽي ۾ ڏوهاري ماڻهو هجن پوليس وارا به ڪڏهن ڏوهه ڪندا آهن جن کي اسان گرفتار ڪندا آهيون، هن چيو ته اسان ڪنهن پارٽي جي نه پر ڏوهارين خلاف آهيون ڏوهاري ماڻهن خلاف بنا فرق ڪارروائي جاري رکي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *