ريسلر جان سينا ايندڙ سال ريسلر نڪي بيلا سان شادي ڪندو

نيويارڪ (اسپورٽس نيوز) ڊبليو ڊبليو اي ريسلنگ جي سپر اسٽار جان سينا پنهنجي مڱيندي ۽ ساٿي ريسلر نڪي بيلا سان ايندڙ سال شادي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وومين ريسلنگ جي اهم نالي نڪي بيلا ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته منهنجي ڀاڻيجي برڊي شاديءَ جي موقعي تي گل کڻي بيٺل هوندي ۽ هن منهنجي لاءِ ڪنوار وارو وڳو به پسند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته جان سينا هلندڙ سال اپريل ۾ ريسل مينيا جي مقابلي دوران هزارين تماشائين جي موجودگيءَ ۾ نڪي بيلا کي رنگ اندر سڏائي گوڏن ڀر ويهي شاديءَ لاءَ منڊي پيش ڪئي ۽ هن آڇ قبول ڪري ورتي. نڪي بيلا جو چوڻ آهي ته في الحال اسان ٻنهي جو شيڊيول انتهائي مصروف آهي، تنهن ڪري ايندڙ سال شادي ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *