ريحام خان سان گاڏي ۾ گڏ ويهڻ تان ناز بلوچ ۽ ڊاڪٽر سيما ضياءَ وڙهي پيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عمران خان جِي گهرواري ريحام خان سان گاڏي ۾ گڏ ويهڻ تان تحريڪ انصاف جون عورت اڳواڻ ناز بلوچ ۽ ڊاڪٽر سيما ضياءِ وڙهي پيون. ڪراچي ايئرپورٽ تي ناز بلوچ، ناديه رباني ۽ ڊاڪٽر سيما ضياءِ سميت پي ٽي آءِ جِي عورت اڳواڻن ريحام خان جو استقبال ڪيو. عمران خان طرف روانگي  لاءِ ريحام خان گاڏي ۾ ويٺي ته ناز بلوچ سان گڏ ڊاڪٽر سيما ضياءِ به گاڏي ۾ ويهڻ جِي ڪوشش ڪئي پر ناز بلوچ کيس گاڏي ۾ ويهارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهڙَي انڪار تي پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻ ناز بلوچ ۽ ڊاڪٽر سيما ضياءَ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سيما ضياءِ ڳالهائيندي چيو ته هوءَ ريحام خان جَي استقبال لاءِ گذريل 24 ڪلاڪن کان تيارين ۾ رڌل هئي ۽ هن ڪيتريون ئي عورت ڪارڪن پڻ پاڻ سان گڏ آنديون هيون. هـُن چيو ته ريحام خان سان گڏ گاڏي ۾ نه ويهاري ساڻس ناانصافي ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *