ريحام خان جي پهرين فلم ”جنان“ جو پوسٽر جاري

ڪراچي (شوبز نيوز) عمران خان جي گھر واري ريحام خان جي پهرين فلم ”جنان“ جو پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي، صحافت، سياست ۽ هاڻي فلم نگريءَ ۾ قدم، ريحام خان جي صلاحيتن جو چِٽو ثبوت آهي. فلم ”جنان“ ۾ پاڪستان جي ثقافت، خوبصورتي ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي خوشگوار طرفن کي اجاگر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فلم جي عڪسبندي اترين علائقن ۾ ڪئي ويندي. فلم ”جنان“ جي مرڪزي ڪردارن ۾ بلال اشرف، ارمينا رانا خان، علي رحمان خان سميت ڪيترائي ڄاتل سڃاتل اداڪار شامل آهن. اظفر جعفريءَ جي هدايتڪاريءَ ۾ ريحام خان ۽ عمران رضا ڪاظمي جي سيڙپ سان ٺهندڙ فلم ”جنان“ ايندڙ سال رليز ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *