رياست کي ڪنهن به صورت ۾ ڪمزور ٿيڻ نه ڏينداسين: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ضرورتمند نوجوانن لاءِ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام جاري ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ اسلام آباد ۾ تقريب ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم، وفاقي وزيرن ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين سميت ٻين شرڪت ڪئي. انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام معاشري ۾ وڏي تبديلي آڻيندو، نوجوانن کي موقعا نه ڏينداسين ته انهن وٽ ڪهڙو رستو بچندو؟ نوجوانن کي روزگار ۽ ترقي جا موقعا نه ملندا ته اهي ڏوهن ڏانهن وڌي سگهن ٿا. هن چيو ته غربت ختم ڪرڻ جو سڀ کان سٺو طريقو آهي ته غريب گهراڻي جي ٻارن کي موقعا ڏيو ته جيئن اهي به اڳتي وڌي سگهن پر بدقسمتي سان ملڪ ۾ 3 نظام هليا ۽ ماڻهو پوئتي رهجي ويا، 8 لک ٻار انگلش ميڊيم، 3 ڪروڙ ٻار اردو ميڊيم ۽ 25 لک ٻار ديني مدرسن ۾ آهن. سندس چوڻ هو ته رياست ڪمزور طبقي جي ذميواري کڻندي آهي، هيلٿ ڪارڊ غريب طبقي لاءِ وڏو تحفظ آهي، اسان لنگر خانا کولڻ جو فيصلو ڪيو، اهو پروگرام سڄي ملڪ ۾ پکيڙينداسين. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جڏهن قومن تي ڏکيو وقت ايندو آهي ته لنگر خانا کولڻا پوندا آهن، يورپ ۾ به ڏکيو وقت اچڻ تي سوپ ڪچن کوليا ويندا هئا. عمران خان لنگر کانپوءِ راشن پروگرام به شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته راشن پروگرام تحت اٽو، دال، کنڊ ۽ ٻيون شيون گهرن تائين پهچائينداسين، ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهيون ته جيئن راشن پروگرام حقدار ماڻهن تائين پهچي، ڪوشش آهي ته ان پروگرام جو غلط استعمال نه ڪيو وڃي، تنهن ڪري وقت لڳو. انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت 4 سالن ۾ 2 لک نوجوانن کي اسڪالر شپ ڏني ويندي، جڏهن ته اسڪالر شپ پروگرام ۾ 50 سيڪڙو حصو عورتن لاءِ رکيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي ادارا وڌيڪ مضبوط ڪنداسين ۽ رياست کي ڪنهن به صورت ۾ ڪمزور ٿيڻ نه ڏينداسين. اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان سان اڳوڻي قانون واري وزير بابر اعواڻ ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي تازي سياسي صورتحال سميت آئيني ۽ قانوني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته رياست اڳ ۾ ۽ سياست پوءِ ٿي اچي، رياست کي ڪنهن به صورت ۾ ڪمزور ٿيڻ نه ڏينداسين، قانون جي نظر ۾ سڀ برابر آهن ۽ سڀني تي هڪجهڙو لاڳو ٿيندو، مان دهشتگردي جي عدالت کان وٺي سپريم ڪورٽ تائين هر هنڌ پاڻ پيش ٿيو آهيان، پاڪستان جو استحڪام ادارن سان سلهاڙيل آهي ۽ ملڪي ادارا وڌيڪ مضبوط ڪنداسين. ان موقعي تي بابر اعواڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان جو ڌرڻو اعليٰ عدليا جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي، مشروط اجازت رڳو مارچ لاءِ ڏني هئي ڌرڻي لاءِ نه، مولانا جي مارچ سبب ڪشمير ڪاز منظر تان گم ٿي ويو آهي. ملاقات دوران بابر اعواڻ ڪرتارپور راهداري وقت سر مڪمل ڪرڻ تي عمران خان کي مبارڪ ڏني. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪرتارپور راهداري بين المذاهب هم آهنگي جو بهترين مثال هوندي، سڄي دنيا مان ايندڙ سک زائرين کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ان موقعي تي ملڪ جي معاشي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ وزيراعظم چيو ته معيشت جي استحڪام لاءِ ڪيون ويندڙ ڪوششون رنگ لائي رهيون آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 32 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿي. عمران خان چيو ته واپاري خساري ۾ گهٽتائي ۽ ايڪسپورٽ ۾ اضافو سٺو سنئوڻ آهي، وڌيڪ قدم جاري آهن، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *