رياست ماءُ جيان هوندي آهي، ڪو لاپتا ٿئي ته اها رياست جي ناڪامي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته گم ٿيلن جي ذميواري وزيراعظم ۽ ڪابينا تي اچي ٿي ۽ ڇو نه رياست بدران معاوضو وزيراعظم ۽ ڪابينا ادا ڪن؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله گم ٿيل صحافي ۽ بلاگر مدثر نارو جي آزادي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري عدالت ۾ پيش ٿي. چيف جسٽس اطهر من الله، شيرين مزاري چيو ته توهان جي اندر احساس آهي پر رياست ۾ احساس نظر نه پيو اچي، گم ٿيلن جا خاندان روڊن تي رُلي رهيا آهن، رياست جي ذميواري آهي ته هر شهري جي بنيادي حقن جو خيال رکي، رياست جو ري ايڪشن ان ڪيس ۾ افسوسناڪ آهي، رياست ماءُ جهڙي آهي، ان کي ان ئي نظر سان ڏسڻ گهرجي، ماءُ جيان ان جي فيملي کي وٺي وڃي مطمئن ڪيو، ان جو ٻار به ڄائو آهي، گهرواري دنيا ڇڏي وئي آهي، رياست جي ذميواري آهي ته ٻار ۽ ان جي والدين کي مطمئن ڪري، وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا ان متاثر فيملي کي ٻڌن ۽ مطمئن ڪن. شيرين مزاري چيو ته مختلف اٿارٽيز سان رابطي ۾ آهيان، انهن کي چيو آهي ته معاملي کي ڏسو، جبري گمشدگي خلاف آمنه جنجوعه سان گڏجي وزيراعظم احتجاج به ڪندو رهيو آهي، مڊر نارو جي فيملي سان ملڻ ۾ وزيراعظم کي ڪو مسئلو ناهي، فيملي کي ماهوار معاوضو ڏيڻ جو پراسيس ڪري رهيا آهيون، اسان جي حڪومت جبري گمشدگي کي سنگين ڏوهه سمجهي ٿي، جمهوريت ۾ ڪنهن کي گم ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. چيف جسٽس چيو ڇو ته هڪ قانون ٺاهيو وڃي ته جيڪي ذميوار آهن، انهن کان معاوضو ورتو وڃي، جيڪڏهن ڪو 2002 ۾ گم ٿيو آهي ته ڇو ته ان وقت جي ذميوارن تي ڏنڊ هنيا وڃن، ڪنهن نه ڪنهن کي ته ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي، اسان جي اڌ زندگي غير جمهوري حڪومتن ۾ گذري ۽ اهو سڀ انهن جو ئي نتيجو آهي، سڀ ايجنسيون وفاق جي ڪنٽرول ۾ آهن، الزام درست هجي يا نه ذميواري رياست جي آهي ته متاثر فيملي کي مطمئن ڪري. جسٽس اطهر من الله چيو ته انهن کي وزيراعظم وٽ وٺي وڃو، ڪابينا ميمبرن سان ملاقات ڪرايو، ڪوشش ڪيو ته وزيراعظم سان ملڻ کانپوءِ اهي مطمئن موٽن، گم ٿيلن جي ذميواري ته وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن تي اچي ٿي، رياست بدران معاوضي جي رقم انهن کان ڇو نه ورتي وڃي؟ عدالت حڪومت کي 13 ڊسمبر تائين متاثر فيملي کي مطمئن ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ شيرين مزاري کان ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *