رياست جي رٽ بحال ڪري ڇڏي آهي، 2018 لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو سال هوندو: نواز شريف

نيويارڪ (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت هڪ سٺي وقت ۾ هلي رهي آهي 2017 جي پڄاڻي تائين بجلي بحران جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو الله جي فضل ۽ ڪرم سان رياست جي رٽ بحال ڪرڻ جي قابل ٿي ويا آهيون پنهنجي جاگرافيائي حدن جي هر انچ تي اسان جي عملداري آهي پاڪستان ۾ سلامتي جي بهتر صورتحال سان سيڙپڪارن جو اعتماد ۽ دلچسپي ۾اضافو ٿيو آهي جم اولن آف گولڊ مين ساڪس پاڪستان کي 11 معيشتن جي گروپ اين اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي. دنيا جي بهترين عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين جي عالمي مالياتي ادارن اقتصادي ماهرن پاڪستان جي معيشت کي بهتر بنائڻ لاءِ ساڍن ٽن سالن دوران حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کي ساراهيو 20 ڪروڙ نوجوان ۽ فعال آبادي صارفين جي وڌندڙ گهرج مستحڪم معيشت ۽ سلامتي جي بهتر صورتحال ۾ پاڪستان منافعه بخش سيڙپڪاري ۽ واپار لاءِ شاندار موقعن جي پيشڪش ڪري ٿو پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻطرفو واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪي منڊين تائين تجارت پهچائي وڃي ته جيئن پاڪستان ۽ آمريڪا جي ڪاروباري ماڻهن کي هڪٻئي سان ڪاروبار ڪرڻ جا شفاف موقعا حاصل ٿي سگهن ٻطرفو واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهڙي طرح جو انتظام ضروري آهي وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ آمريڪي ايوان صنعت ۽ تجارت پاران گڏيل طور تي ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان جون معاشي ڪاميابيون خاص طور تي تعريف جوڳيون آهن ڇو ته اهي ڪاميابيون اسان اهڙي وقت ۾ حاصل ڪيون آهن جڏهن اسان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اهم آپريشن ۾ مصروف آهيون. اهو آپريشن سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ شروع ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح 12.5 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي جڏهن ته موجوده حڪومت کي جڏهن ورثي ۾ تباهه ٿيل معيشت ملي ته ان جي شرح 9 سيڪڙو هئي هن چيو ته ان شرح ۾ وڌيڪ بهتري جي گنجائش موجود آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان پرعزم آهيون هن چيو ته فوربز اعتراف ڪيو آهيت ه پاڪستان ۾ عالمي سطح تي اقتصادي لحاظ کان هڪ ڪامياب جڳهه حاصل ڪرڻ جي صلاحيت آهي. هن چيو ته بلونگ برگ پاڪستان کي 2014 ۾ بهترين ڪارڪردگي جي حامل 10منڊين ۾ ٽئين نمبر تي ۽ 2016 ۾ ممڪنه سيڙپڪاري جي بهترين ملڪن ۾ 14 نمبر تي شمار ڪيو هو وزيراعظم چيو ته دنيا جي بهترين بين الاقوامي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي ۾ بين القوامي مالياتي ادارن ۽ بين الاقوامي اقتصادي ماهرن سميت تمام پاڪستان جي گذريل ساڍن ٽن سالن دوران معيشت کي بهتر بنائڻ لاءِ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کي ساراهيو آهي. هن چيو ته اڄ هتي آمريڪي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *