روپوشن جو نالو اي سي ايل ۾ وڏو ويندو آهي، جيڪي ڏينهن ۾ ٻه دفعا عدالت ۾ پيش ٿين انهن جو نالو وجهڻ مزاق آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو اهي ته روپوشن جو نالو اي سي ايل ۾ وڏو ويندو آهي جيڪي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا عدالت ۾ پيش ٿين انهن جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ مزاق آهي ڪيس آخري مرحلن ۾ آهي 6 ريفرنسز ۽ جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ته ڪجهه ناهي مليو آئيني ۽ قانوني طريقي موجب هلنداسين خميس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته اي سي ايل ۾ نالو انهن ماڻهن جو وڌو ويندو آهي جيڪي روپوش هوندا آهن. مملڪتي وزير چيو ته ڪيس آخري مرحلن ۾ آهي عدالت جو فيصلو متوقه آهي نيب اي سي ايل لاءِ ان وقت خط لکيو جڏهن فيصلو متوقه آهي نيب کي ڪيئن خبر ته فيصلو ڇا اچڻ وارو آهي هن چيو ته وزارت ڏسندي ته ڇا خط اي سي ايل ۾ وجهڻ جون گهرجون پوريون ڪري رهيو آهي مريم اورنگزيب چيو ته عدالت جڏهن به گهرايو ته اهي پيش ٿي رهيا آهن ميڊيا خود ڏسي رهيو آهي ته ريفرنسز مٿان ريفرنسز آندا پيا وڃن 6 ريفرنسز ۽ جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ته ڪجهه نه مليو جي آءِ ٽي جيڪو صندوق ڀري جمع ڪرايو ان ۾ به ڪجهه نه مليو هڪ وقت تائين هڪ رپئي جي به چوري ثابت ناهي ٿي سگهي هن چيو ته عدالت ۾ پيش ٿي رهيا آهيون ته اي سي ايل ۾ نالو ڇو ٿو وڌو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *