روهت شرما ون ڊي ميچن ۾ ٦ هزار رنسون مڪمل ڪندڙ ۹ ڀارتي بيٽسمين بڻجي ويو

ناگپور(اسپورٽس نيوز)ڀارتي ٽيم جي مشهور اوپننگ بيٽسمين روهت شرما ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڪيريئر جون ٦ هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون. هو اعزاز ماڻيندڙ نائون ڀارتي بيٽسمين بڻجي ويو آهي، ان کانسواءِ اسٽار اوپنر ۱۴ سينچريون ٺاهي گڏيل طور تي پنجين ڀارتي بيٽسمين جو اعزاز پڻ حاصل ڪري ورتو. هن يوراج سنگهه جو وڌيڪ سنچرين جو رڪارڊ برابر ڪيو آهي، شرما آسٽريليا خلاف پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ انتهائي شاندار ۽ ذميوار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي سينچري ٺاهي اهو ڪارنامو انجام ڏنو.، روهت شرما هيل تائين ۱٦۸ ميچن ۾ ۱۴ سينچرين جي مدد سان ٦ هزار ۳۳ رنسون ٺاهيون آهن، ان کان اڳ ڀارت طرفان سچن ٽنڊولڪر، سارو گنگولي ، راهول ڊريوڊ، مهندرا سنگهه ڌوني، محمد اظهر الدين، ويرات ڪوهلي، يوراج سنهه ۽ وريندر سهواڳ کي به ٦ هزار رنسن جو انگ عبور ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *