روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ سيڙپڪاري ڏيڍ ارب ڊالرن کان وڌي وئي: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ سيڙپڪاري جي ماليت ڏيڍ ارب ڊالرن کان وڌي وئي آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ طرفان سٺي خبر آئي آهي ته روشن ڊجيٽل پاڪستان اڪائونٽ اهم اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. سندس موجب ٻه ڏينهن اڳ (25 جون) تي روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ مجموعي سيڙپڪاري ڏيڍ ارب ڊالرن کان وڌي وئي آهي، ان مان نئين پاڪستان سرٽيفڪيٽ ۾ هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي، ٻه مهينا اڳ هڪ ارب ڊالر جي رڪارڊ کانپوءِ اهو ٻيو وڏو رڪارڊ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *