روزو رکڻ ۽ کولڻ وقت ملڪ جي 90 سيڪڙو علائقن کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي:عابد شير علي

اسلام آباد (بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي، روزو رکڻ ۽ کولڻ وقت ڪراچي سميت ملڪ جَي 90 سيڪڙو علائقن کي بجلي فراهم ڪرڻ جِي دعويٰ ڪندَي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي پيداواري صلاحيت بابت غلط بياني ڪئي،جنهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد ۾ پاڻي ۽ بجلي بابت سينيٽ جِي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو. اجلاس کي بريفنگ ڏيندَي عابد شير علي چيو ته روزو رکڻ ۽ کولڻ وقت ڪراچي سميت ملڪ جَي 85 کان 90 سيڪڙو علائقن کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. ڪي اليڪٽرڪ بابت ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته وفاقي سرڪار معاهدي تحت ڪي اليڪٽرڪ کي 650 ميگا واٽ بجلي فراهم ڪندي رهي پر ڪمپني 950 ميگاواٽ بجلي حاصل ڪندِي رهي. هـُن چيو ته وفاق جا ڪي اليڪٽرڪ ڏانهن هڪ کرب رپيا رهيل آهن، جيڪي ڪمپني ادا نه پئي ڪري. عابد شير علي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي جـِي پيداواري صلاحيت بابت به غلط بياني ڪئي، جنهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. مملڪتي وزير چيو ته ڪيسڪو ۾ بجلي جا 14 هزار قانوني ۽ 16 هزار غيرقانوني ڪنيڪشن آهن، جنهن سبب هر مهيني هڪ ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڪيسڪو ڏانهن به وفاق جا 142 ارب رپيا رهتون آهن. مملڪتي وزير عابد شير علي وڌيڪ چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومت پراڻي گرڊ اسٽيشنن جي مرمت ڪرائڻ سان گڏ نوان گرڊ اسٽيشن به جوڙائي رهي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *