رهيل سَهيل دهشتگرديءَ تي به تمام جلد قابو آندو ويندو: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏ آهي، ملڪ جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردي ۽ لاقانونيت جا مسئلا ظاهر ٿي رهيا آهن جنهن تي ڪافي حد تائين ضابطو ڪيو ويو آهي، آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي کانپوءِ هاڻ آپريشن رد الفساد ذريعي دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف ڪارروايون جاري آهن، حڪومت دهشتگردي جهڙي فتني جو مٿو ڪچلڻ لاءِ پرعزم آهي، صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪوئيٽا ڪاليج جي تربيت هيٺ آفيسرن سان ملاقات دوران ڪئي، جنهن ۾ ڪوئيٽا ڪاليج کانسواءِ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، صدر ان موقعي تي فوجي آفيسرن سان ڳالهائيندي چيو ته بدامني ۽ دهشتگردي سان منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج، سيڪيورٽي فورسز ۽ سول انتظاميا جي بي خوف ڪردار ۽ قربانين سبب دنيا اڄ مضبوط پاڪستان طرف ڏسي رهي آهي، هن چيو ته بلوچستان ۾ بدامني ۽ دهشتگردي سان منهن ڏيڻ لاءِ هٿياربند فوج جي ڀرپور ڪاررواين سبب بلوچستان ۾ امن بحال ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون تعريف جوڳيون آهن، هن چيو ته ملڪ جي اقتصادي پاليسي صحيح دڳ تي هلي رهي آهي ۽ ان جا سٺا نتيجا ظاهر ٿي رهيا آهن، هن چيو ته حڪومت بجلي جي بحران تي ضابطو ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، ان لاءِ پن بجلي جي ذخيرن ۾ واڌ، ڪوئلي مان پيدا ڪيل بجلي ۽ ان کانسواءِ وڌيڪ سمورن ذريعن کي ڪتب آندو پيو وڃي، هن چيو ته ڪمانڊ اسٽاف ڪاليج هربي ۽ اسٽريٽجڪ تربيت جي سلسلي ۾تاريخي ڪردر ادا ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *