رنوير گڏ هجي ته ڪنهن شيءَ جي ضرورت نه هوندي آهي: دپيڪا

ممبئي ( شوبز نيوز ) ڀارتي اداڪاره دپيڪا پدوڪون چيو آهي ته جڏهن رنوير ۽ مان گڏ هجون ته اسان کي ڪنهن به شيءَ جي ضرورت نه پوندي آهي. ڀارتي اداڪاره دپيڪا پدوڪون جي ڳڻپ اهڙن اداڪارئن ۾ ٿئي ٿي جن نهايت گهٽ عرصي دوران بالي ووڊ ۾ خاص مقام حاصل ڪيو آهي. دپيڪا جي اداڪاري جا چرچا نه رڳو بالي ووڊ پر هالي ووڊ ۾ به ٿي رهيا آهن. هالي ووڊ اسٽار ون ڊيزل سان اداڪاري ڪندڙ  دپيڪا پدوڪون جا ساڻس دوستي جا به چرچا رهيا آهن پر سندس رنوير سان دوستيءَ جي ڳالهه ئي ڪجهه ٻي آهي. دپيڪا پدڪون جو چوڻ آهي ته جڏهن هو ۽ رنوير سنگهه گڏ هوندا آهن ته کين ڪنهن به شيءَ جي ضرورت نه پوندي آهي. هن چيو ته مان ڪڏهن به ڪجهه اهڙو نه ڪرڻ چاهيو آهي جيڪو وقت جي قيد ۾ هجي، مون کي پڪ آهي ته رشتا پاڻ ئي رستو ٺاهيندا آهن جڏهن ته جيستائين منهنجي ۽ رنوير سنگهه جي واسطي جي ڳالهه آهي ته هڪ ڏينهن پنهنجي طريقي سان پاڻ واضح ٿي ويندو.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *