رنوير سنگهه ۽ ديپڪا ”باجي رائو مستاني“ ۾ گڏ نظر ايندا

ممبئي:(شوبز نيوز) بالي ووڊ ليجنڊ امتياب ۽ ديپڪا پڊوڪون جي فلم پيڪو ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ان ڪاميابي جي خوشي ۾ فلم جي ٽيم خوشي جي تقريب ملهائي . ڀارتي خبر ايجنسي موجب رنوير سنگهه  ۽ ديپڪا گڏ ليلا بنسالي جي فلم رام ليلا ۾ گڏ ڪيو هو.  جڏهن ته هڪ ڀيرو وري ٻئي ڄڻا باجي رائو مستاني ۾ نظر ايندا. ٻئي طرف ديپڪا انٽرويو ۾ فلم جي زبردست تعريف ڪئي، هن چيو جڏهن کان شوجيت مون کي هن فلم جي آفر ڪئي ان وقت کان وٺي مان هن سان گڏ جذباتي طور تي گڏ آهيان. گذريل ڏينهن فلم جي ڪاميابي جي خوشي ۾ پروگرام ٿيو، جنهن ۾ هن فلم سان لاڳاپيل اداڪارائن کان علاوه  وڏي تعداد ۾ ماڻهو شامل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *